اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي اڄ اڱاري ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جو ڪو پڌرن??مو جاري ناهي ڪيو ويو. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس بابت وفاقي وزي?? پريس ڪانفرنس ڪري چڪا آهن، وفاقي وزيرن ڪابينا جي اجلاس جي حوالي سان تفصيل ٻڌائي ڇ??يا آهن. هن چيو ته ڪابينا جي پڌرنامي جي حوالي سان ميڊيا ۾ هلندڙ خبرون صحيح نه آهن.