اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خنجراب بارڊر کي ٻن مرحلن ۾ عارضي طور کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??ڌا??ي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ خنجراب بارڊر ٻن ڏينهن جي لاءِ 19 ۽ 20 جنوري تي ۽ ٻئي مرحلي ۾ هن سال جنوري جي آخر کان فيبروري جي شروع تائين چين جي بهار ??ي تهوار کانپوءِ کلندو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خنجراب بار??ر هر سال سردين جي مهينن ۾ بند رهي ٿو. چين مقامي واپارين جي سهولت لاءِ سرحد کي عارضي طور ٻيهر کولڻ جي پاڪستاني درخواست تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان چيو ته اسان خراب موسمي حالتن جي باوجود بارڊر آپريشنز کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي سرح??ي عملدارن جي خصوصي ڪوششن کي ساراهيون ٿا.