اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ??عز??تي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان قيمتي جاني?? جي زيان تي ??عز??ت جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زلزلي سبب فوت ٿيندڙ?? جي مغفرت ۽ زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. ترڪيه هر مشڪل ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي ه?? ممڪن مدد ڪندو. وزيراعظم چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي جا وڌندڙن واقعا پوري دنيا جي لا??ِ خطري جي گهنٽي آهي. اهو انسانيت ۽ سڄي دنيا جي بقاءَ جو معاملو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي ڪنهن ملڪ يا خطي تائين محدود ناهي رهي.