ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سان مملڪتي وزير جي ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو. هنن وا??ار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ غذائي تحفظ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پرامن، مستحڪم، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??يج??ي مشاورت جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين شنگ??ائ?? تعاون تنظيم تحت مختلف اقتصادي قدمن تي اڳڀرائي جو پڻ ??ائ??و ورتو.