اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 12 آگسٽ کانپوءِ قائم ٿيندڙ نگران حڪومت به آءِ ايم ايف سا?? معاهدي جو احترام جاري رکندي، اليڪشن کانپوءِ عوام جيڪڏهن چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سا?? معيشت ۾ تيزي سا?? بهتري آڻينداسين. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جورجيوا سا?? ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سا?? پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته آءِ ايم ايف کي ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي سبب خدشا هئا، مون کي يقين آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي واعدن کي پ??رو ڪندو، ايم ڊي آءِ ايم ايف چيو ته وزيراعظم پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ معاهدو پ??رو ڪرڻ جي دانشمندي جو عزم ڏيکاريو. وزيراعظم جيڪا ليڊرشپ ڏيکاري اها لائق تحسين ۽ قابل تعريف آهي ۽ ان ئي سبب اسان پ??ڪستان جي مدد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هاڻي مضبوط شراڪتداري ۽ گڏيل اعتماد بحال ٿي چڪو آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف جو اهم ميمبر آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي هر ممڪن حد تائين مدد ڪندو رهندو. هن وزيراعظم سا?? ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو قيمتي لفظن تي ايم ڊي آءِ ايم ايف جو شڪر گذار آهي. وزيراعظم چيو ته پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف راست گوئي ۽ هاڪاري انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته معاشي ٽيم سا?? ملاقات ۾ هن واضع ڪيو هو ته معاهدي جي ڪا به خلاف ورزي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته 12 آگسٽ تائ??ن اسان جي حڪومت آهي، ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي. نگران حڪومت آءِ ايم ايف سا?? معاهدي جو احترام جاري رکندي. وزيراعظم چيو ته اليڪشن کانپوءِ جيڪڏهن عوام اسان کي چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سا?? معيشت ۾ تيزي سا?? بهتري آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا جي بهترين ۽ لذيذ تر??ن انب پيدا ڪندو آهي. وزيراعظم چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ايف لاءِ احترام جي جذبي طور هو انبن جو تحفو موڪلي رهيو آهي. وزيراظم ايم ڊي آءِ ايم ايف جي پيشيواراڻي مهارت، ليڊرشپ ۽ غريب عوام لاءِ جذبي ۽ احساس کي به ساراهيو ۽ چيو ته هن جهڙي طرح پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ان جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن. ايم ڊي آءِ ايم ايف سا?? پيرس ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو هو. وفاقي وزير اسحاق ڊار پنهنجي معاشي ٽيم سا?? گڏجي ڏينهن رات ڪوشش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم پنهنجي معاشي ٽيم کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي هر سوال جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي. انهن شرطن تي سوالن جي جوابن سا?? آءِ ايم ايف معاهدو ٿيڻ جي راهه هموار ٿي. وزيراعظم ٻنهي ڌرين کي معاهدي تي متفق ٿيڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم جي انهن ڪوششن ۽ رابطن سبب 3 ارب ڊالر جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿيو.