اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين جي لاءِ مراعاتي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي جيڪو انهن کي بهتر خدمتون ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، ان پئڪيج جو مقصد پ??ڪس??ان سان انهن جي شموليت کي وڌائڻ ۽ مختلف ادارن سان انهن جي رابطن کي آسان بڻائڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مراعاتي پئڪيج جون نمايان خصوصيتون هي آهن، سمورن صوبن ۾ چيف سيڪريٽريز ۽ اسلام آباد ۾ چ??ف ڪمشنر تحت اوورسز پ??ڪس??انين جي ملڪيتن جي مسئلن جي حل لاءِ هاٽ لائينز قائم ڪيون وينديون. اسلام آباد ۽ پ??ڪس??ان جي سمورن صوبن ۾ اوورسيز پ??ڪس??انين جي ملڪيت جي مئسلن کي تيز رفتار بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ مخصوص عدالتون قائم ڪيون وينديون. هن چيو ته سمورن پبلڪ سيڪٽر هائوسنگ اسڪيمن ۾ اوورسيز پ??ڪس??انين جي لاءِ 10 سيڪڙو ڪوٽا رکي ويندي، جيڪڏهن ادائيگي غيرملڪي ڪرنسي ۽ بئن??نگ چينل جي ذريعي ڪئي وڃي ٿي ته 5 سيڪڙو رعايت ملندي. وزيراعظم چيو ته پنجاب اوورسيز پ??ڪس??انيز ڪميشن جي ڪامياب ماڊل کي ٻين سمورن صوبن ۾ پڻ نقل ڪيو ويندو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين کي سڃاڻڻ ۽ انهن جي سهولت لاءِ ملڪ جي سمورن عالمي هوائي اڏن تي مخوص اميگريشن ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ اوورسيز پ??ڪس??انين جي لاءِ ايوارڊز جو اعلان ڪيو ويندو. ٻاهرئين ملڪ پ??ڪس??اني مشنز ۾ ذڪر جوڳي اوورسيز پ??ڪس??انين جي لاءِ انهن جي خدمتن/ ڪاميابين جي اعتراف ۽ تعريف جي لاءِ هال آف فيم قائم ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته سينٽرل ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز فار اوورسيز پ??ڪس??انين پاران پرڪشش شرحن سان گڏ قومي بچت جون مخصوص اسڪيمون متعارف ڪرايون وينديون. ٻاهرئين ملڪ سفارتخانن/ پ??ڪس??اني مشنز ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ جي سهولت جي ڪائونٽرز جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو. بليڪ لسٽ ٿيل پاسپورٽ مقرر وقت کانپوءِ پاڻ ئي ڊي لسٽ ٿي ويندا. پرڏيهي وزارت جي ذريعي دستاويزن جي آن لائين تصديق کي مضبوط بڻايو ويندو ۽ ان کي وڌيڪ موثر بڻايو ويندو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت جي ڪئمپ آفيس پ??ڪس??ان انهن علائقن ۾ قائم ڪيون وينديون جتي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين جو وڌيڪ انگ موجود آهي ته جيئن دستاويز وغيره جي تصديق ۾ آساني ٿئي. هن چيو ته پينشن، بئنڪ اڪائونٽس، مڪيت جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ اوورسيز پ??ڪس??انين جي آن لائين بائيو ميٽرڪ تصدق متعارف ڪرائي ويندي. اوورسيز پ??ڪس??انين کي شادي/ طلاق، پيدائش ۽ موت جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ نادرا جو نظام يونين ڪائونسلن سان ڳنڍيل هوندو. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندر پ??ڪس??انين جي ٻارن جي لاءِ پبلڪ سيڪٽر جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا ۽ ٻارن کي ضرورت تي ٻڌل ۽ ميرٽ تي وظيفا پڻ ڏنا ويندا.