اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض جي ملاقات دوران نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاو??ت ڪئي وئي. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معاملي تي وڌ??ڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻي جمعي ڏينهن ٻيه?? مشاو??ت ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آئين جي روشني ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي نگران وزيراعظم جي مقرري جي لاءِ مشاورت جي حوالي سان ملاقات جي دعوت ڏني هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت جو پهريون دور خوشگوار ماحول ۾ ٿيو. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معاملن تي وڌ??ڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻي جمعي ڏينهن ٻيه?? مشاو??ت ڪئي ويندي.