اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ??ڪر پڙيان ۾ قومي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي ت?? اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي به نگران وزيراعظم سان گڏ هو. نگران وزيراعظم دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سا?? قومي يادگار ??ڪر پڙيان ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم آزادي جي جدوجهد جي هيروز، ملڪ جي دفاع، استحڪام ۽ تحفظ ??ي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا به ڪئي.