نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ت?? علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هٿيارن جي غيرضروري ڊوڙ جي خاتمي لاءِ ڄمون ڪشمير تي ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد تمام گهڻو ضروري آهي. نيويارڪ ۾ ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي ت?? ”الجزيره“ ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته انهن قراردادن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان خطي جي امن تي سڌوسنئون اثر پئجي رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي ترقي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) پڻ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ڏس ۾ ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان اهم ۽ بنيادي مسئلو آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي امنگن موجب غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته قراردادن کي 70 سال اڳ منظور ٿيڻ جي باوجود انهن تي عملدرآمد نه ٿيو. هن نشاندهي ڪئي ت?? ڪشمير گهيراءُ ۾ آهي ۽ واديءَ ۾ 7 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن، والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي انساني حقن جون بدترين سنگين خلاف ورزيون درپيش آهن. ڪشمير کي انساني جيل قرار ڏيندي هن چيو ته ماڻهن کي انهن جي منصفاڻي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪشميري اڳواڻن ??ي ڀارت نظربند ڪري رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ان تڪرار تي جنگيون وڙهي چڪا آهن ۽ اهو مسلسل ڇڪتاڻ جو سبب آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اها ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ت?? اها پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي جيڪي ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪ??ر آهن. اهو پڇڻ تي ت?? ڇا ڪشمير جي آزمائش جي فلسطين سان ڀيٽ ڪ??ي سگهجي ٿي، هن چيو ته ٻنهي کي انصاف کان انڪار کي منهن ڏيڻو پيو. هن ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي ت?? نيويارڪ ۾ او آءِ سي جي فلسطين بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت جو ذڪر ڪيو جتي هن فلسطين جي عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڪشمير ۽ فلسطين بابت ??ڏي?? قومن جي قراردادن تي جلد عملدرآمد تي زور ڏنو. موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن بابت ڳالهه ڪندي هن چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي ڇو ته اهو 10 سڀ کان وڌيڪ منفي طور تي متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن گذريل سال پاڪستان کي ٿيندڙ وڏي نقصان جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ فصل، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کانسواءِ 30 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي کانپوءِ انتهائي مددگار ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ جنيوا ۾ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا.