اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي وطن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ??ري?? ونگ پاران جاري بيان موجب صدر 6 سيپٽمبر تي اوستئي پوسٽ ڪالاش ايريا ۽ جنگريٽ ڪوهه چترال ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽي??يفون تي تعزيت جو اظهار ڪندي ملڪ جي لاءِ قرباني تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جا قوم پاران ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ ذوالفقار علي ۽ سپاهي شهزاده اورنگزيب جي وارثن سان ٽي??يفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ شير نواز ۽ لانس نائيڪ شاڪرالله جي پونئيرن سان پڻ رابط?? ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ ملڪ جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو.