اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ??هي ته والاريل علائقي ۾ ڀارتي فورسز انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چ??و ته سيپٽمبر ۾ ڀارتي فوج 13 ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون قتل ۽ 157 شهرين ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو. ترجمان چ??و ته والاريل ڪشمير ۾ گرفتار ڪيل اڪثر ماڻ??ن خلاف قابض عملدارن لاڳو ڪيل ڪاري قانون پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام ايڪٽ (يو ??ي پي اي) جي سخت قانونن تحت ڪيس داخل ڪيا هئا. هن چ??و ته اهڙن جابراڻي قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ ڪشميري اڳو??ڻن کي آزاد ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪشميري عوام آزادي سان پنهنجي خودمختياري وارو حق استعمال ڪري سگهن.