ارومچي – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نو??رالحق ڪاڪڙ چين جي شهر ارومچي پهچي ويو آهي. ارومچي جي عالمي هوائي اڏ?? تي سنڪيانگ جي گورنر ايرڪن تونياز، سي پي سي سنڪيانگ جي اسٽينڊنگ ميمبر العزت احمت جان ۽ چين ۾ پاڪستاني سفارتي عملدارن سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن وارو نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني، گهرو معاملن وارو نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي، نجڪاري وارو نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ آهن.