اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ايدمنسٽريٽر يو ايس ايڊ نگر??ن پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ جي ڪم خاص طور تي موسمياتي مسئلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هن غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگر??ن پرڏيهي وزير غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي فراهمي جي لاءِ محفوظ رستي جي ضرورت تي زور ڏنو. يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر پاڪستان حڪومت پاران آمريڪا ويندڙ افغانين جي مدد ڪر?? تي نگر??ن پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.