برسلز – 24 نومبر (اي پي پي) يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لگزمبرگ ۾ پاڪستان جي سفير آمنا بلوچ ايشيا ا??نڊ پيسفڪ يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي منيجنگ ڊا??ري??ٽر نڪلاس ??يورانسٽروم سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ٻه طرفا سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٽوئٽ مطابق ان ملاقات دوران جاري سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان تحت ٻه طرفا سهڪار کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.