اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ پنهنجي ڪوئيٽا جي شاگردي وا??ي زماني جي اسڪول ٽيچر سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي اسڪول ٽيچر سان ملاقات جي حوالي سان هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي. ان وڊيو سان گڏ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڪوئيٽا جي شاگردي وا??ي زماني جي اسڪول ٽيچر مس عذرا نا??يد سان ٽن ڏهاڪن کانپ??ءِ منهنجي ملاقات ٿي جنهن جي شفقت ۽ ڪڏهن ڪڏهن سختي منهنجي شخصيت سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم پنهنجي ٽيچر جي انتهائي ادب ۽ احترام ۽ والهاڻي انداز ۾ آجيان ڪئي جڏهن ته محترمه عذرا نا??يد پڻ نگران وزيراعظم سان انتهائي شفقت سان ملي ۽ کيس نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.