اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۾ سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس خ??يس ڏينهن شروع ٿي وئي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سفيرن جي ڪانفرنس ۾ علائقائي نمائندن سان گڏوگڏ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جي سفيرن کي ??هر??يو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس جي شروعات نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلان?? جي افتتاحي خطاب سان ٿيندي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهم خطاب ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سفيرن جي ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي باقاعده بحث جي اهميت تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليس?? جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي رخن تي غور فڪر ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سفيرن جي ڪانفرنس علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائ?? جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليس?? جي مختلف رخن تي تفصيلي بحث جي لاءِ ??هر??ئي وڃي ٿي.