اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي 10 پوليس اه??ڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۽ قوم جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن، دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گ?? بيٺل آهي. ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير دهشتگردي جي وا??عي ۾ زخمي اه??ڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.