مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، س??اسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي نگران وزير??عظ?? آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي وزير??عظ?? چوڌري انوارالحق ۽ آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزير??عظ?? چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير مسئلي جو حتمي ۽ منصفاڻو حل رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاد ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم تحت ممڪن آهي. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ ڀارتي ظلم ڪنهن کان لڪل نه آهن، معصوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي ڳڻتي جوڳي ۽ مذمت جوڳي آهي. نگران وزير??عظ?? پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، س??اسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزير??عظ?? ۽ اسپيڪر نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي مظفرآباد جي دوري کي خوش آئنده قرار ڏنو. هنن چيو ته ڀارت کي نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي مظفرآباد اچڻ سان واضح پيغام پهچي ويو آهي ته پاڪستاني ۽ ڪشميري ڀينرن ڀائرن جون د??يو?? گڏ ڌڙڪن ٿيون.