بيجنگ- 06 فيبروري (اي پي پي) چين ۾ پاڪست??ن جي سفير خليل هاشمي چيو آهي ته چين پاڪستان چئن موسمن جي دوستي گذريل ست ڏهاڪن تي ٻڌل آهي ۽ ٻنهي ملڪن هر موقعي تي هڪ ٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. پاڪستاني سفير چيني قوم کي بهار تهوار ۽ چيني نئين سال جي آمد تي مبارڪون ڏيندي چيني ميڊيا گروپ کي خصوصي انٽرويو ۾ چيو ته چين طرفان پيش ڪيل بيلٽ اينڊ روڊ گذريل 10 سال ?? ڪيترائي ٺوس ثمر حاصل ڪيا آهن. سي پيڪ جيڪو بي آر آءِ جو هڪ فليگ شپ پراجيڪٽ آهي ??ن جي سبب پاڪستان اقتصادي ۽ سماجي ميدان ۾ ڪافي فائدا حاصل ڪيا آهن، خاص طور تي انفراسٽرڪچر ۽ انرجي جي ميدان ۾ چين ??ي سهڪار سان ڪيترائي پراجيڪٽس پڄاڻي تي پهتا آهن ۽ هاڻي سي پيڪ جي اڳئي مرحلي جي شروعات ٿي رهي آهي.