اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ??وشل ميڊيا ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ وڊيو کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته بيلٽ پيپرز ماضي وانگر اردو الفابيٽ جي ترتيب سان پرنٽ ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن مان ??اري بيان ۾ ترجمان چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ هڪ وڊيو گمراهه ڪندڙ آهي. واضح رهي ته هميشه اميدوارن جي انگ جي حساب سان ??يلٽ پيپر سنگل، ڊبل ۽ ٽرپل ڪالم ۽ اردو الفابيٽ جي ترتيب ۾ پرنٽ ڪيو ويندو آهي ?? هن ڀيري به انهي ترتيب سان پرنٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بيلٽ پيپر جي فولڊنگ ۽ اليڪشن جي ٻين مرحلن بابت معلوماتي ??ڊيوز اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ www.ecp.gov.pk ۽ يوٽيوب چئنل تي ??وجود آهن. ووٽرز کي سوشل ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ خبرن تي اعتبار ڪرڻ بدران معلومات لاءِ صرف اليڪشن ڪميشن مان ??اري ڪيل آگاهي وڊيوز مان فائدو کڻڻ گهرجي يا ڪنهن شڪايت جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جي قائم ڪيل ڪمپلينٽ سيل تي 0151111327000 تي رابطو ڪن.