اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اط??اعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي، آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو، ڪنهن پارٽ?? وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، پاڪستان جي ??ئين ۾ هر صورتحال مان نڪرڻ جو رستو موجود آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اهي ماڻهو جيڪي مختلف طرح سان ماڻهن جي ??دمت ڪن ٿا، انهن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي، اهي شاعر، موسيقار، فنڪار، ڊرامي نگار جيڪي ڪروڙپتي نه آهن، انهن جي ??دمتن جو اعتراف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اشرافيه جي ڪل??ز کي به گهرجي ??ه اهي اهڙن ماڻهن جي ??دمتن جو اعتراف ڪن، ڪنهن کي ميمبرشپ ڏيڻ وقت رڳو پئسي کي نه ڏٺو وڃي، خدمتن کي به ڏٺو وڃي. هڪ سوال جي ??واب ۾ اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو جنهن ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن باقي آهن. هن چيو ته اها معمول جي ڪارروائي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته ورڇ ٿيل پارليامينٽ آهي، ڪنهن سياسي پارٽ?? وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين جامع ۽ تفصيلي آهي، فرض ڪريو ته سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڪنهن قسم جو اتفاق راءِ پيدا نٿو ٿئي ته آئين ۾ ان جو رستو موجود آهي.