اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف عل?? زرداري کي ٻيو ڀيرو پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبن جي چونڊيل ميمبرن آصف عل?? زرداري تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر آصف عل?? زرداري وفاق جي مضبوطي جي علامت هوندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آصف عل?? زرداري پاڪستان جي صدر طور پنهنجو?? آئيني ذميواريون بهترين طريقي سان سرانجام ڏيندو. آصف عل?? زرداري جو پاڪستان جي صدر طور چونڊجڻ جمهوري قدرن جو تسلسل آهي، اتحادي پارٽيون گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ڪنديون.