اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نج??اري جي عمل ۾ ايندڙ رڪاوٽون جلد کان جلد ختم ڪرڻ ۽ ان کي تيز رفتار بڻائڻ، وقت جي واضح تعين سان قدمن ۽ هدفن جا تف??يل پيش ڪرڻ ۽ ڪابينا جي جوڙجڪ سان گڏ ئي پرائيويٽائيزيشن بابت التوا هيٺ حل طلب مسئ??ا پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ نج??اري جي عمل ۾ شامل سمورن ادارن جي مڪمل فهرست ۽ اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته نج??اري جو عمل تيز رفتار بڻايو وڃي ته جيئن معيشت جي بحالي ۽ عوام کي ريليف جي فراهمي جو عمل تيز ٿئي، نج??اري جا ذميوار ادارا صلاحيت وڌائڻ ۽ گهربل صلاحيت حاصل ڪرڻ جا فوري قدم کڻن، ايندڙ رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۽ قوم کي اربين رپين جي خسارن مان ڇوٽڪارو ملي ۽ پاڪستان جي معاشي حالت بهتر ٿئي. وزيراعظم نج??اري جي عمل ۾ شامل سمورن ادارن جي مڪمل فهرست ۽ اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪندي هدايت ڪئي ته وقت جي واضح تعين سان قدمن ۽ هدفن جا تف??يل پيش ڪيا وڃن. وزيراعظم هائوس ۾ نج??اري جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف نج??اري ڪميشن ۽ نج??اري واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪابينا جي جوڙجڪ سان گڏ ئي پرائيويٽائيزيسن بابت التوا هيٺ حل طلب مسئ??ا پيش ڪيا وڃن ته جيئن ڪابينا انهن تي فيصلو ڪري ۽ اهو معاملو حل ٿئي، اڳ ۾ ئي ان معاملي ۾ تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي، وڌيڪ دير جي گنجائش نه آهي. وزيراعظم بجلي ڪمپنين کي صوبن جي حوالي ڪرڻ جي تجويز تي هڪ جائزه ڪميٽي پڻ جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا وزيراعظم کي پنهنجون تجويزون پيش ڪندي. وزيراعظم واضح ڪيو ته نج??اري جي عمل جي سموري ذميواري نج??اري ڪميشن ۽ نج??اري واري وزارت تي لاڳو هوندي آهي، جيڪڏهن ڪٿي مسئلا آهن ته انهن کي ختم ڪرڻ به وزارت ۽ نج??اري ڪميشن جي ذميواري اهي، جيڪڏهن صلاحيت ۽ سگهه جا مسئلا آهن ته انهن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته نج??اري جي عمل جي اداراجاتي سطح تي شفافيت يقيني بڻائين ۽ نگراني جي عالمي معيار جا موثر ۽ آزمايل طريقا اختيار ڪيا وڃن ته جيئن ڪير آڱر نه کڻي سگهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خساري ۾ هلندڙ ادارن جي وڏي قيمت ملڪ ۽ عوام ادا ڪرڻ تي مجبور آهي، خدا جي رضا ۽ ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي جي نيت سان انهن خسارين مان قوم کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ سڀ پنهنجو مخلصاڻو ڪردار ادا ڪن ته جيئن ايندڙ نسل اسان جو نالو عزت ۽ احترام سان وٺي. وزيراعظم واضح ڪيو ته معيار، شفافيت ۽ پاڪستان جي مفاد جي پئماني تي هلڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪاروباري مق??بل?? ۽ عوام کي بهترين خدمتن جي فراهمي جي مق??بل?? جو ماحول ٺاهڻو پوندو تڏهن ئي هتي بهتري ايندي، وزارتون ۽ ادارا پروفيشنل ازم ۽ جذبي جو مظاهرو ڪندي حل تجويز ڪن، اهو پاڪستان جي بهتري جو سوال آهي. اجلاس ۾ پي آءِ اي، هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن، فرسٽ وومين بئنڪ، روز ويلٽ هوٽل، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، بجلي جي ڪارخانن ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، پاڪستان اسٽيل ملز ڪارپوريشن سميت خسارن ۾ هلندڙ ٻين ادارن جي نج??اري جي عمل تي تازه ترين صورتحال، هيستائين جي اڳڀرائي ۽ ايندڙ رڪاوٽن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نج??اري واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نج??اري جي عمل ۾ دير جو هڪ وڏو سبب عدالتن پاران جاري ٿيندڙ منع ناما آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان معاملي ۾ حڪومت پاران پيش ٿيندڙ قانوني ٽيم کي موثر بڻايو وڃي ۽ قانون واري وزارت مناسب قدم تجويز ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ جي لاءِ 5 مارچ تي واڪ جي وصولي جي آخري تاريخ هئي. اجلاس ۾ سينيٽر اسحاق ڊار، مصدق ملڪ، شيزه فاطمه خواجه، رومينه خورشيد عالم، احد چيما، علي پرويز ملڪ، راڻا احسان افضل، ڊپٽي ??يئ??مين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر ??يئ??مين، نج??اري واري سيڪريٽري، قانون واري سيڪريٽري سميت اعليٰ عملدار شريڪ هئا. ناليواري بئنڪر محمد اورنگزيب وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.