اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??ذربائيجان کي ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ميزباني حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪوپ – 29 جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ??ذربائيجان جي ماحولياتي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ماحولياتي تبد??لي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته ماحول دوست ٽيڪنالاجي ??ختيار ڪرڻ، وڻڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج گهٽ ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبد??لي سان گليشيئرز متاثر ٿي رهيا آهن، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبد??لي پاڻي جي کوٽ جو سبب به بڻجي ??هيا آهن، ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي تعاون گهربل آهي. صدر چيو ته پاڪستان لکين هيڪٽرز تي تم?? جا ٻيلا لڳايا آهن، تمر سان پاڪستان کي ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ، ماحولياتي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آذربائيجان سان گڏيل مفادجي ??عبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ رابطن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير مختار بابائيف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ سياحت ۽ ثقافت جي ??عبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 29 ڪانفرنس ۾ شرڪت جو دعوتنامو صدر کي پهچايو. صدر ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ڪامياب ميزباني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آذربائيجان ماحولياتي لحاظ کان اسرندڙ ملڪن جي مفادن جي ??حفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.