شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پنجن ڏينهن جي چين جي سرڪاري دور?? جي پهرين مرحل?? جي لاءِ شينزن پهچي ويو. وزيراعظم جو شينزن هوائي اڏي تي اعليٰ چيني عملدارن، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ، پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي ۽ اعليٰ سفارتي اهلڪارن شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان اڄ چين جي ڪميونسٽ پارٽ?? جي شينزن جي لاءِ سيڪريٽري مينگ فينلي ملاقات ڪندو جنهن ۾ چين پاڪستان تعاون جي وڌيڪ ف??وغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم سڀاڻي پاڪ چائنا بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو، سي پيڪ جي ٻئي مرحل?? تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيدار?? جي لاءِ فورم هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم ناليواري چيني هاءِ ٽيڪ ڪمپنين جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو. پاڪستاني وفد ۾ ناليوارين پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سميت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وا??و وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وا??و وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وا??و وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وا??و وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وا??و وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، غذائ?? تحفظ وا??و وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وا??و وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وا??و وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وا??ي مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ شامل آهن.