اسلام آباد – 26 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستا?? جي سفير شريف زاده يوسف طائر وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم تاجڪ سفير جي آجيان ڪندي پاڪستان ۾ سندس مقرري جي مدي جي ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران هلندڙ مهيني دوشنبي جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هو تاجڪ صدر امام علي رحما?? جي شاندار استقبال کان تم??م گهڻو متاثر ٿيو ۽ دوري دوران ٻنهي اڳواڻ?? جي وچ ۾ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم شهباز شريف صدر رحمان کي جلد کان جلد پاڪستا?? جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراه?? جي اجلاس ۾ تاجڪستا?? جي شرڪت جو منتظر آهي. تاجڪ سفير وزيراعظم کي تعليم، زراعت ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاو?? جي فروغ ۽ زميني ۽ فضائي رست?? جي ذريعي رابطن کي وڌائڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي تاجڪ سفير سان رابطو ڪري انهن تجويزن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقائي رابطن جا ٻيا منصوبا به بحث هيٺ آي??. ت??جڪ سفير وزيراعظم جي استقبال تي سندس ٿورا مڃيا، کيس تاجڪ صدر پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.