اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ حماس جي اڳواڻ اسماعيل ??ان??ه تي تهران ۾ قاتلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي حملي جي نتيجي ?? اسماعيل ??ان??ه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته اسماعيل ??ان??ه تي حملو بربريت ?? جارحيت جو افسوسناڪ مثال آهي ۽ اهو عالمي قانونن ۽ قدرن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. اسرائيل غزه ۾ ظلم ۽ بربريت جي بازار گرم ڪري رکي آهي. فلسطين جي آزادي جي جدوجهد لاءِ اسماعيل ??ان??ه ۽ سندس خاندان جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. اهي قربانيون ضايع نه وينديون. اسپيڪر اسماعيل ??ان??ه جي وارثن، فلسطيني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ?? يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسماعيل ??ان??ه جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.