اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نشان حيدر جو اعزاز ماڻيندڙ ميجر طفيل محم?? شهيد جي 66هين ش??ادت جي ڏهاڙي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته قوم ملڪ جي دفاع جي خا??ر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر فرزند ميجر طفيل محم?? شهيد کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته ميجر طفيل محم?? شهيد بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪندي شهادت م??ڻي ۽ جرئت ۽ بهادري جو مثال قائم ڪيو. صدر چيو ته سڄي قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي. پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. صدر آصف علي زرداري ميجر طفيل محم?? شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.