اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسرائيل پنهنجي وحشي ڪارروائ??ن جون سموريون حدون پار ڪري ويو آهي، اسڪولن جي ٻارن تي حملو کُليل اڳرائي آهي، اهڙي ريت جي ڏاڍ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، عالمي برادري گڏيل قومن سميت اسرائيل جي وحشيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه فلسط??ن جي اسڪول تي اسرائيل جي حملي جي شديد مذمت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندان سان تعزيت جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسرائيل پنهنجي وحشي ڪارروائ??ن جون سموريون حدون پار ڪري ويو آهي. اسڪول جي ٻارن تي حملو کُليل اڳرائي آهي. اهڙي ريت جي ڏاڍ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. عالمي برادري گڏيل قومن سميت اسرائيل جي سفاڪيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ورجايون ٿا ته فلسطين??ن جي نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوهن تي اسرائيلي قيادت ۽ سيڪيورٽي فورسز کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي. اسرائيل کي سندس ظالماڻين ڪارروائ??ن جي سخت سزا ڏني وڃي. اسرائيل خلاف عالمي انصاف واري عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان هر محاذ تي پنهنجي فلسطين?? ڀينرن ۽ ڀائرن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.