اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پوليو جي خاتمي جو پختو عهد ڪيو آهي، پوليو جي خاتم?? لاءِ وفاق، صوبا ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊر موثر قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن، هلندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ک??ن وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اولپنڊي جي يونين ڪائونسل سي ٽي آر -5 جي دوري جي موقعي تي ڪيو. دوري جي موقعي تي هن ??اري پوليو مهم جو جائزو ورتو ۽ پوليو ورڪرز سان ملاقات ڪندي سندن ڪاوشن کي ساراهيو. ان موقعي تي و??ير??عظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو ته 115 ضلعن ۾ جاري پوليو مهم جو ٽيون ڏينهن ??هي. پوليو مهم ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ک??ن وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪن ۽ پوليو مهم دوران پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين.