اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي قوم?? اسيمبلي جي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪ??ي چيئرمين کي لامحدود اختيار ڏنا پيا وڃن جنهن ت?? اسان ??ي خدشا آهن، ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. قوم?? اسيمبلي ۾ اعت??اض واري نقطي تي ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته ارسا ايڪٽ تحت ميمبر صوبن کان ور??ا ويندا آهن ۽ هر ميمبر واري واري سان ??يئرمين بڻجندو آهي. ايڪٽ ۾ ترميم آندي پئي وڃي ان موجب چيئرمين کي نامزد ڪيو ويندو. نامزد چيئرمين کي لامحدود اختيار ڏنا پيا وڃن، ان حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ ضروري آهي.