اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??يجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جرئت ۽ بهادري جو نشان بڻجي عددي برتري جي نشي ۾ ??ور دشمن ۽ لاهور جي وچ ۾ جي ديوار وانگر ڄمي بيهي رهيو، ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) سيپٽمبر 1965ع جي جنگ ۾ پنهنجي جرئت ۽ شجاعت سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر راجا عزيز ڀٽي )نشان حيدر( جي 59هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ??يجر راجا عزيز ڀٽي شهيد )نشان حيدر( سيپٽمبر 1965ع جي جنگ ۾ پنهنجي جرئت ۽ شجاعت سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملايو، لاهور تي راتاهو هڻي ??بضو ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ دشمن کي ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جي ملڪ جي دفاع لاءِ پختي عزم واپس ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ??يجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جرئت ۽ بهادري جو نشان بڻجي عددي برتري جي نشي ۾ چُور دشمن ۽ لاهور جي وچ ۾ شيهي جي ديوار وانگر ڄمي بيهي رهيو، ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد )نشان حيدر( جي ملڪ جي دفاع لاءِ ان عظيم قرباني کي رهندڙ دنيا تائين پاڪستان جي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ??يجر راجا عزيز ڀٽي شهيد نشان حيدر جو ملڪ جي خاطر جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دشمن سان وڙهڻ جو جذبو ۽ فرض شناسي نئين نسل ??ي لاءِ قابل تلقيد مثال آهي، مون سميت پوري قوم ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد نشان حيدر ۽ ملڪ جي دفاع جي خاطر پنهنجي جانين جو نذانو پيش ڪندڙ هر جوان کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته ??اڪستاني قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي.