نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪ??يت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان پنهنجي ملاقات کي انتهائي لاڀائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ملاقات ۾ اسان جي گڏيل لاڳاپن جو مجموعو ڪاٿو ??اص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اسان کي ڪ??يت سان پنهنجي ڀ??ئر??ڻن لاڳاپن تي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ڪ??يت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان انتهائي ڪارائتي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي مجموعي ڪاٿي ??اص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته هن ڪويتي ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، اسان کي ڪ??يت سان پنهنجي ڀ??ئر??ڻن لاڳاپن تي فخر آهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ معاشي سيڙپڪاري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون.