نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ات??اق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان جي 7 ارب ڊالر جي توسيعي فنڊ سهولت جي حو??لي سان 37 مهينن جي ڪامياب اسٽاف ليول معاهدي جي لا??ِ آءِ ايم ايف جي تعاون کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جي ملاقات ٿي. پاڪستان جي 7 ارب ڊالر جي توسيعي فنڊ سهولت جي حو??لي سان 37 مهينن جي ڪامياب اسٽاف ليول ايگريمنٽ جي لا??ِ آءِ ايم ايف جي تعاون کي ساراهيندي وزيراعظم اداراجاتي سڌارن جي لاڳو ۽ نجي شعبي جي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم آءِ ايم ايف جي فنر مدد ۽ صلاحيت سازي جي پروگرامن کي پڻ ساراهيو جنهن سان ملڪ جي ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي معاشي انتظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پنهنجي اداري پاران پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي برقرار ر??ڻ ۽ جامع ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران هن موسمياتي تبديلي جي لا??ِ موافقت جي م??لي مدد کي متحرڪ ڪرڻ جي فوري ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاسن دوران ناڻي واري وزير کي آءِ ايم ايف جي سينيئر انتظاميا سان ان اهم مسئلي کي اٿارڻ تي ات??اق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بنائڻ تي ات??اق ڪيو.