اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڄمو?? ۽ ??شمير بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي رابطا گروپ جو اجلاس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي جن ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، نائجر ۽ آذربائيجان شامل آهن جڏهن ته ڪشميري عوام جي حقيقي نمائندن جي وفد پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. هن رابطا گروپ کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ سياسي، سلامتي ۽ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن او آءِ سي جي ايجنڊا ۾ ڄمو?? ۽ ??شمير تڪرار جي اهميت جو ذڪر ڪندي ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن ڄمو?? ۽ ??شمير تڪرار جي جلد ۽ پرامن حل تي زور ڏنو. اجلاس جي پڄاڻي هڪ جامع گڏيل پڌرنامي جي منظوري سان ٿي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ??شميري عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي پاران ڪشميرين جي جائز جدوجهد جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. گڏيل پڌرنامي ۾ ڪيترين ئي ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪنن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي جاري مهم جي پڻ مذمت ڪئي وئي. پڌرنامي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ ن??م نهاد چونڊ عمل خودمختياري جي حق جو نعم البدل نه ٿو ٿي سگهي. رابطا گروپ ڀارت تي زور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قرارداد?? ۽ ??شميري عوام جي خواهشن موجب ??مو?? ۽ ??شمير تڪرار جي حل جي لاءِ قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??مو?? ۽ ??شمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائر?? ۽ ??ينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.