اسل??م آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان انتهائي نتيجاخيز ڳالهه ٻو??هه ٿي، سي پيڪ تحت اهم قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ۽ ان تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته چين جي وزيراعظم سان ٿيندڙ ڳالهه ٻو??هه ۾ سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، معيشت، زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي ڳالهه ٻو??هه ٿ??. و??يراعظم چيو ته اسان جي تزويراتي حصيداري ۽ اسان جي بنيادي مسئلن تي مفاهمت علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جو بنياد آه??. و??يراعظم چيو ته اسان نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي تقريب جي گڏيل صدارت ڪئي ۽ اهم مفاهمت جي يادداشتن جي دستاويزن جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ شريڪ ٿياسين جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافو ٿيندو.