اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسح??ق ڊار ليسوٿو جي وزيراعظم سام ميٽيڪني سان ساموا جي شهر اپيا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ليسوٿو جي وچ ۾ گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ عالمي فورمز ??ي تعاون تي ٻڌل دوستاڻي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام سان عوام ج?? رابطن جي شعبن ۾ وسيع تعاون جي عزم ج?? اظهار ڪيو.