اسلام آ??اد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ترڪيه جي جمهوري ڏهاڙي تي ترڪ حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪب??د ڏيندي چيو آهي ته ترڪيه سدائين مسلمان امت جي ا??م مسئلن تي آواز اٿاريو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ترڪيه جي 101هين جمهوري ڏهاڙي تي مبارڪباد جي پيغام ۾ چيو ته ترڪيه گذريل هڪ صديءَ ۾ مختلف شعبن ۾ مثالي ترقي ڪئي آهي?? اميد آهي ته ترڪيه صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪندو. صدر چيو ته پاڪستان ترڪيه لاڳاپا گڏيل تاريخ، قدرن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مشڪل وقت ۾ سدائين هڪ ٻئ?? سان گڏ بيٺل رهيا ۽ پاڪ ترڪيه لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيندا پيا وڃن.