اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ انڊيپنڊنٽ گروپ جي اميدوار ميان رئوف عطاءَ کي سپريم ڪورٽ بار جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وڪيل برادري هڪ بهترين شخصيت کي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو آهي. هن چيو ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آ??ن، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي فروغ ۾ وڪيلن جو روشن ??رد??ر آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وڪيل بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ پل جو ??رد??ر ادا ڪن ٿا. هن ??ن اميد جو اظهار ڪيو ته نئون چونڊيل صدر ۽ ٻيا عهديدار آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جي لاءِ پنهنجو مثبت ??رد??ر ادا ڪندا رهندا. هن چيو ته فاتح پينل وڪيل برادري جي مسئلن جي حل ۽ اهم عدالتي معاملن ۾ موثر ??رد??ر ادا ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير انڊيپنڊنٽ گروپ جي س??براهه احسن ڀون کي پڻ رئوف عطاءَ جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.