اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته سامونڊي معاملن واري وزارت هلندڙ سال 90 ارب روپيا منافعو ??مايو، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي عالمي رينڪنگ 84 کان 61 ٿي آهي، هلندڙ مهيني نئين شپنگ پاليسي آڻي رهي?? آهيون، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي شيئرز ۾ 40 سي??ڙو اضافو ٿيو، اين ايس سي نوان جهاز خريد ڪندي، سامونڊي گدلاڻ واري ڪنٽرول بورڊ جي ڪارڪردگي پهرين کان تمام گهڻي بهتر آهي. ڪالهه سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شي?? اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ميري ٽائيم سنگل ونڊو جي قيام سان پرڏيهي سي??پڪارن جو اعتماد وڌيو آهي، ميري ٽائيم سي??ٽر ۾ ڊينمارڪ سان جلد 2 ارب ڊالرن جي سي??پڪاري جا معاهدا طئي ٿيندا، يو اي اي جي ڪمپني ابوظهبي پورٽس ايندڙ ٽن سالن ۾ 330 ملين ڊالرن جي سي??پڪاري ڪندي. عالمي ڪمپني هچيسن پورٽس هڪ ارب ڊالرن جي سي??پڪاري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. ايڪوا ڪلچر شين جي ايڪسپورٽس تي تيزي سان ڪم ڪري رهي?? آهيون، جلد ئي ڪراچي ڊاڪ ليبر بورڊ ۾ به سڌارا آڻي رهي?? آهيون. قيصر احمد شيخ وڌيڪ چيو ته گوادر پورٽ تي ڊريجنگ جو نظام بهتري طرف روان دوان آهي، عالمي بحري تنظيم جي قانونن موجب شپ ري سائيڪلنگ ڪري رهي?? آهيون، پاڪستان پهريون ڀيرو عالمي بحري تنظيمن جي هانگ ڪانگ ڪنوينشن جو حصو بڻيو آهي. انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس ڪرائڻ هڪ وڏو بريڪ ٿرو هو، عالمي بحري تنظيم جو سي??ريٽري جنرل پهريون ڀيرو پاڪستان آيو، گوادر پورٽ تي سي??يورٽي جا بهترين انتطام آهن، پورٽس جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جام?? رپورٽ جوڙي رهي?? آهيون، اسان جي حڪومت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن آرڊيننس ۾ ترميمون آنديون جنهن سان ان جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي. ايندڙ هڪ ٻن مهينن ۾ سمورين پورٽ اٿارٽيز جا مستقل چيئرمين لڳايا ويندا، آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف ڪامرس پاڪستان کان فشريز ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ ٻن سالن جي توسيع ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جلد نوان جهاز خريد ڪندو، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي شيئرز ۾ 40 سي??ڙو وڌا ٿي آهي.