گڏيل قومون-08 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي فرسٽ ڪميٽي هٿيارن ۾ گهٽتائي ??ابت پاڪستان طرفان پيش ڪيل 4 قراردادن جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو مقصد علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ آهي، اهي ٺهراءَ انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. اهي ٺهراءَ گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ عالمي س??امتي بابت فرسٽ ڪميٽي طرفان منظور ڪيون ويون، جن ۾ ٽن قراردادن کي ميمبر ملڪن طرفان ان باجود زبردست حمايت حاصل ٿي ته عالمي سط?? تي ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ ۽ ان ۾ گهٽتائي ??ي حوالي سان چئلينجز سامهون آهن، اميد آهي ته انهن قراردادن جي مسودن کي توثيق لاءِ ايندڙ مهيني جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. ٺهراءَ علائقائي ??طح تي هٿيارن ۾ گهٽتائي، علائقائي ۽ ذيلي علائقائي ??طحن تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول سان گڏوگڏ علائقائي ۽ ذيلي علائقائي ??وشني ۾ اعتماد سازي ??ي قدمن (سي بي ايمز) بابت آهن. علائقائي هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي ۽ ذيلي علائقائي ??ي روشني ۾ اعتماد سازي ??ي قدمن جي عنوان سان قراردادون اتفاق راءِ سان منظور ڪيون ويون. علائقائي ۽ ذيلي علائقائي ??طح تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول جي عنوان سان قرارداد جي متن جي حق ۾ 179 ووٽ ۽ مخالفت ۾ صرف هڪ ووٽ پيو جيڪو ڀارت جو هو. ان کانسواءِ اسرائيل قراردادن تي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. عالمي برادري طرفان قراردادن لاءِ زبردست حمايت هڪ ئي ??طي يا ذيلي خطي ۾ واقع رياستن جي دفاعي صلاحيتن ۾ روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول، تحمل ۽ توازن لاءِ پاڪستان جي وڪالت جي اعتراف جي عڪاسي ڪري ٿي. گڏيل قومن جي س??ارتڪارن، علائقائي هٿيارن ۾ گهٽتائي، روايتي هٿيارن تي ضابطو ۽ اعتماد سازي ??ي قدمن (سي بي ايمز) جي هدفن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ??ي قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته قراردادون عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ اعتماد سازي لاءِ علائقائي ۽ عالمي موقف جي اهميت ۽ تڪميل کي تسليم ڪريون ٿا. علائقائي ۽ ذيلي علائقائي ??طح تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول بابت قرارداد ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته رياستن جي دفاعي صلاحيتن ۾ توازن برقرار رک?? سان امن ۽ استحڪام مضبوط ٿئي ٿو. ان کان اڳ پاڪستان ??ي قرارداد جنهن جي عنوان ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي خطري خلاف ايٽمي هٿيار رکندڙ رياستن کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر عالمي انتظامن جي تڪميل جي حق ۾ 117 ووٽ پيا، مخالفت ۾ ڪو به ووٽ نه پيو جڏهن ته 64 ميمبر ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. متن ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي خطري خلاف غير ايٽمي هٿيار رکندڙ رياستن کي قانوني طور تي حفاظتي قدمن جي خاطري فراهم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.