اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) حج 2025ع لاءِ درخواستن سميت بقايائون جمع ڪرائڻ لاءِ ڄاڻاي?? بئنڪن جون برانچون ڇنڇر ۽ آچر تي کليل ??هنديون. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب اسٽيٽ بئنڪ ڀ??ي پار ويندڙن کي حج 2025ع جو درخواست فارم ۽ بقايا رقم جمع ڪرائڻ ۾ سهولت ڏيڻ خاطر مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي درخواست تي 15 ڄاڻاي?? بئنڪن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پنهنجون لاڳاپيل ??رانچون 30 نومبر ۽ پهرين ڊسمبر تي صبح 9 وڳي کان اڍائي وڳي تائين کولي رکن. ان کان اڳ حج پاليسيءَ جي حوالي سان مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي 15 بئنڪن يعني نيشن?? بئنڪ آف پاڪستان، حبيب بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ، ايم سي بي، الائيڊ بئنڪ، بئنڪ آف پنجاب، بئنڪ الفلاح، زرعي ترقياتي بئنڪ، فيص?? بئنڪ، عسڪري بئنڪ، بئنڪ الحبيب، حبيب ميٽرو پوليٽن بئنڪ، سنهري بئنڪ، ميزان بئنڪ ۽ بئنڪ اسلامي کي اجازت ڏني هئي ته اهي حج 2025ع لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڀلي ويندڙن کان درخواست فارم بقايائن سميت رقم 18 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين وصول ڪري سگهن ٿا.