اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ترڪيه سان جوائنٽ وينچر سميت سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، ڪاروباري برادري کي سفري سهولتن جي فراهمي سان ڪاروبار?? سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي. اها ڳالهه هن ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نجڪاري وزارت مطابق ملاقات دو??ان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي دو??تاڻن ناتن کي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪر?? چاهيون ٿا. هن ترڪيه جي سفير سان گڏيل سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالههه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه جو ترقي جو ماڊل متاثر ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان به ان ماڊل مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۾ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ سيرپڪاري جا وسيع ۽ پُرڪشش موقعا موجود آهن. وفاقي وزير ??ڌي?? چيو ته روڊ نيٽ ورڪ بهتر بڻائڻ وڏو چئلينج آهي، شاهراهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ئي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان جو ڪم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادريءَ کي ويجهو آڻڻ آهي، باقي ڪم پاڻ ئي شروع ٿي ويندو. وفاقي وزير ??ڌي?? چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين کي ترڪيه ۽ پاڪستان ۾ پُرڪشش منافعو حاصل ڪر?? جو موقعو ملڻ گهرجي. ترڪش سفير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سان هر ممڪن سهڪار هوندو، ٻه طرفي سيڙپڪاري لاءِ قابل عمل ماڊل تي عمل ڪنداسين. هن ??ڌي?? چيو ته ترڪيه پاڪستان سان پنهنجن ناتن کي باقاعده ۽ اداره جاتي شڪل ڏيڻ چاهي ٿو، اسان جي گڏيل صورتحال موافق، مقصد واضح ۽ منزل هڪ آهي.