اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي چوٿون بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مع??ور ماڻهن جي عالمي ڏينهن تي ٽورنامينٽ کٽي پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو ۽ ملڪ جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٽي 20 بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ فائنل ۾ بنگلادي?? کي 10 وڪيٽن تان هارائڻ تي پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو ۽ ملڪ جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت هر سطح تي راندين جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي، خصوصي ماڻهن کي راندين جي ميدان ۾ سهولتن جي فراهمي حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.