اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان انوويسٽا پرائيويٽ لميٽيڊ (ٽي ٽي ڪمپني) جي وفد جي سي اي او هشام سرور جي اڳواڻي ۾ س??دس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. آء?? ٽي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي آء?? ٽي جي مهارتن سا?? ڳنڍڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد مملڪتي وزير کي انوويسٽا ڪمپني جي ورڪنگ ۽ مقصدن بابت بريف ڪيو. هن مملڪتي وزير شزه فاطمه کي آگاهه ڪيو ته انوويسٽا پرائيويٽ لميٽيڊ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آء?? ايف سي) جو هڪ قدم آهي جيڪو وڏي پئماني تي آء?? ٽي اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرامن، ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري جي سهولت ۽ انوويشن ذريعي قومي آء?? ٽي سيڪٽر ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي آهي. وفد چيو ته انوويسٽا ملڪ جي نوجوانن کي آء?? ٽي جي مهارتن سا?? ڳنڍڻ ۽ انهن جي ترقي لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿو. مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه انوويسٽا جي آء?? ٽي جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ ۽ مستقبل جي منصوبن کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي نوجوانن کي جديد ترين ڊجيٽل مهارت سا?? ڳنڍڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن اهي بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اهو تمام ضروري آهي ته سموري ٽريننگ جي نتيجي ۾ تربيت يافته ماڻهن کي مارڪيٽ ۾ آساني سان روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. هن چيو ته آء?? ٽي واري وزارت ملڪ جي نوجوانن کي آء?? ٽي جي مهارت سا?? ڳنڍڻ جي ڪوششن ۾ انوويسٽا کي مڪمل سپورٽ فراهم ڪندي.