اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ??ومي صحت واري وزارت جي سفارش تي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ٺٽو جي رجسٽريشن/سڃاڻپ، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن (ري آرگنائيزيشن) ايڪٽ جي سيڪشن 3 (7) ۾ ترميم تي قانونسازي، انفارميشن گروپ جي آفيسرن جي پريس آفيسرز مقرري جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن، زندگي بچائيندڙ ميڊيڪل اوزارن جي قيمتن جي تعين جي لاءِ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئ?? ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وفاقي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور ٻن سالن جي مدي جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي. وفاقي ڪابينا سفارتي محاذ تي ان وڏي ڪاميابي کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف هدايت ڪئي ته گوادر بندرگاهه تان گذريل ٽن مهينن ۾ پبلڪ سيڪٽر درآمدات جا تفصيل وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيا وڃن. وفاقي ڪابينا، ڪابينا ڊويزن/ سيڪريٽريٽ جي سفارش تي پاڪستاني ٽيلي ڪميونيڪشن (ري آرگنائيزيشن) ايڪٽ جي سيڪشن 3 (7) ۾ ترميم تي قانونسازي جي اصولي منظوري ڏئ?? ڇڏي. وفاقي ڪابينا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران انفارميشن گروپ جي آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ بطور پريس آفيسرز مقرري جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن جي منظوري جي سفارش ڪر?? ڇڏي. انهن قاعدن ۽ ضابطن جي نتيجي ۾ انفارميشن گروپ آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ مقرري جي عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل بڻائي سگهبو. وفاقي ڪابينا ??ومي صحت واري وزارت جي سفارش تي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ٺٽو جي رجسٽريشن/سڃاڻپ جي منظوري ڏئ?? ڇڏي. وفاقي ڪابينا ??عزز سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هيومن رائيٽس ڪيس نمبر 623- پي / 2017 جي فيصلي جي روشني ۽ قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي زندگي بچائيندڙ ميڊيڪل اوزارن جي قيمتن جي تعين جي لاءِ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئ?? ڇڏي. وفاقي ڪابينا ??ومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي نيشنل فوڊ سيفٽي، اينيمل اينڊ پلانٽ هيلٿ اٿارٽي بل کي پارليامينٽ موڪلڻ جي منظوري ڏئ?? ڇڏي. وفاقي ڪابينا ??يجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 17 ڊسمبر 2024ع تي منعقد ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪر?? ڇڏي جڏهن ته سٽيزن شپ ايڪٽ ۾ ترميمن جي توثيق ملتوي ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 18 ڊسمبر 2024ع تي منعقد ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪر?? ڇڏي. وفاقي ڪابينا رياستي ملڪيتي اداران بابت ڪابينا ڪميٽي جي 24 ڊسمبر 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪر?? ڇڏي.