اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر س??دا?? اياز صادق آذربائيجا?? جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ آذربائيجا?? جي مسافر جهاز جي حادثي ۾ ٿيل جاني نقصان تي تعزيت ج?? اظهار ڪيو. آذربائيجا?? جي سفير خضر فرهادوف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر س??دا?? اياز صادق جي آجيان ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جهاز حادثي ۾ قيمتي انساني حياتي?? جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪيو. اسپيڪر س??دا?? اياز صادق چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستا?? جي پارليامينٽ ۽ عوام آذربائيجا?? جي پارليامينٽ ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي ج?? اظهار ڪن ٿا، آذربائيجان ۽ پاڪستان جو عوام هڪٻئي سان محبت، اخوت ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ جڙيل آهن، پاڪستان ۽ آذربائيجان هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ساٿي آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻه?? جي درج?? جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. اسپيڪر سفارتخاني ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.