اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هروڀرو جي جارحيت ۽ والاريل ڪشمير ۾ بگڙجند?? صورتحال جي ڏس ۾ اهم فيصلا ڪيا آهن جنهن تحت وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ايندڙ اڱاري تي طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي ٿ??ندو. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس جمعي ڏينهن طلب ڪيو آهي جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ خراب ٿيند?? صورتحال ايجنڊا ۾ سر فهرست هوندي. ان کانسواءِ وزيراعظم گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي پنهنج?? دوري ۽ نيويارڪ ۾ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل سان ٿيندڙ تعميري ملاقاتن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي غور ڪندو ??ه جيئن وزيراعظم ج?? دوري جي فائدن کي سگهه ڏئي سگهجي.