اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي تعميراتي صنعت کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون، موجوده حڪومت ٽيڪنالاجي جي استعمال تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪاروباري سرگرمين ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ، بدعنواني جي روڪٿام ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ ڊيجيٽل پراسيس شروع ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انجنيئر ارشد داد خان جي قيا??ت ۾ ڪنسٽرڪشن ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد وزيراعظم عمران خان سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي.