اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان دنيا جي جديد ٽيڪنالاجي سان واڳيل ريڊيو سان ڳنڍجي پاڪستان جي بيانيي کي دنيا سان ڳنڍڻ ۾ هر اول ??ست?? جو ڪردار ادا ڪري ??هيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ، ٽي وي چينلز، سوشل ميڊيا ڪيترن ئي مهينن کان بند آهي، اهڙي صورت ۾ ريڊيو پاڪستان ڪشميرين کي ۽ انهن جي جذبن کي دنيا سان ڳنڍڻ جو ذريعو بڻجي رهيو آهي. هو پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي ??ي) ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ٻه نغما جاري ڪرڻ واري ??قريب کي خطاب ڪري ??هي هئي.